سهگل، ڪندن لال

سهگل، ڪندن لال

سهگل ڪندن لال

سهگل، ڪندن لال: هندستاني گلوڪار ۽ اداڪار، ڪندن لال سهگل کي بالي ووڊ جو پهريون سپر اسٽار چيو وڃي ٿو. هو 1904ع ۾ ڄمون ۾ پيدا ٿيو، جتي سندس والد امرچند راجا جي درٻار ۾ ملازم هو. سندس والده ڪيسر ٻائي مذهبي عورت ۽ موسيقيءَ سان چاهه رکندڙ هئي. اها ننڍپڻ ۾ ئي سهگل کي مذهبي پروگرامن ۾ وٺي ويندي هئي، جتي ڀڄن، شبد ۽ ڪيرتن روايتي انداز ۾ ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ ڳايا ويندا هئا، جن جو مٿس گهرو اثر پيو. هن ڪجهه عرصو تعليم حاصل ڪئي، پر پوءِ ڇڏي ڏنائين. ننڍپڻ ۾ هي رام ليلا ۾ سيتا جو ڪردار ادا ڪندو هو.
پڙهائي ڇڏڻ کانپوءِ هن ريلوي ۾ ٽائيم ڪيپر جي نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي. بعد ۾ ريمگٽن ٽائيپ رائيٽر ڪمپنيءَ ۾ سيلز مئن طور به ڪم ڪيائين، ان ذريعي کيس هندستان جي مختلف علائقن ڏانهن وڃڻ جو موقعو مليو.
لاهور جي انارڪلي بازار ۾ هن جي دوستي مهرچند جين سان ٿي. ٻئي اڪثر مشاعري جون محفلون ڪندا هئا. ڪندن لال جو موسيقيءَ ڏانهن جذباتي حد تائين لاڙو هو ۽ مهرچند کيس اتساهيندو هو. 1930ع جي ڏهاڪي ۾ بي. اين سرڪار (ڪلڪتي جي فلم اسٽوڊيو نيو ٿيئٽرز جي مالڪ) هن کي نوڪريءَ تي رکيو. هتي هن جي ملاقات پنڪج ملڪ، ڪي. سي. دي ۽ پهاڙي سنيال سان ٿي. جلد ئي هي شهرت ۾ سڀني کان گوءِ کٽي ويو.
سهگل سڀ کان پهريان اردو فلم ’محبت ڪي آنسو‘ ۾ اداڪاري ڪئي. ان کانپوءِ ’صبح ڪا ستاره‘ ۽ ’زنده لاش‘ 1932ع ۾ رليز ٿيون، جن کي گهڻي ڪاميابي نه ملي، پر 1933ع ۾ فلم ’پورن ڀڳت‘ لاءِ هن جي ڳايل چئن ڀڄنن وڏي مشهوري ماڻي، انهن کيس شهرت جي آسمان تي پهچائي ڇڏيو.
1935ع ۾ هن شرت چندر چٽوپاڌيايه جي ناول تي مبني فلم ’ديوداس‘ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. هن جلد ئي بنگالي سکي ورتي ۽ ستن بنگالي فلمن ۾ ڪم ڪيو.
هي پهريون غير بنگالي هو، جنهن پنهنجي 30 بنگالي گانن ذريعي پوري بنگال جون دليون موهيون، هڪٻئي پٺيان هن جون ڪيتريون ئي فلمون ڪامياب ٿيون، جن ۾ ديدي (1937ع)، ساٿي (1938ع) ۽ زندگي (1940ع). سهگل جا ڳايل گانا انهن فلمن جي ڪاميابيءَ جو وڏو ڪارڻ هئا.
1941ع ۾ سهگل رنجيت مودي ٽون سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ بمبئي هليو ويو ۽ ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪاري ۽ گلوڪاري ڪئي. پنهنجي ڪيريئر دوران هن 36 فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ 185 فلمي ۽ 142 غير فلمي گانا رڪارڊ ڪرايا.
ڪندن لال سهگل، 18 جنوري 1947ع تي جالنڌر ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.01.18  عيسوي

هندستاني گلوڪار ۽ اداڪار، ڪندن لال سهگل کي بالي ووڊ جو پهريون سپر اسٽار چيو وڃي ٿو. هو 1904ع ۾ ڄمون ۾ پيدا ٿيو.ڪندن لال سهگل، 18 جنوري 1947ع تي جالنڌر ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

روشن علي شاهه روشن
بقراط
آخوند حافظ ولي محمد
الهداد راهو
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
فهد مصطفيٰ
اسماعيل شاهه بخاري
عبدالسلام ٿھيم
امان الله شيخ
گل محمد تنيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون